ڏاهري غلام محمد

ڏاهري، غلام محمد: ڊاڪٽر غلام محمد ولد حاجي الله ڏنو ڏاهري 1958ع ڌاري ڳوٺ سوڀي ڏاهري، تعلقي دولتپور، ضلعي نوابشاهه ۾ ڄائو. ڊاڪٽر غلام محمد ڏاهري قرآن جو حافظ، فارسي ۽ عربيءَ جو عالم آهي. ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان ورتائين. مئٽرڪ، انٽر ۽ بي. اي ڪرڻ کانپوءِ ايم. اي اسلامڪ ڪلچر ۾ 1986ع ۾، ايم. اي عربي 1988ع ۾، ايم. اي فارسي 1990ع ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور مان ڪيائين. ڪجهه عرصي تائين مختلف اسڪولن ۾ عربي استاد طور رهيو. 1991ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪيائين. 1992ع ۾ گورنمنٽ ڊگري ڪاليج سيوهڻ ۾ اسلامڪ ڪلچر جو ليڪچرار مقرر ٿيو. 1995ع ۾ علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي رهنمائيءَ ۾ مقالو مڪمل ڪري سنڌ يونيورسٽيءَ مان مخدوم ابوالحسن ڏاهريءَ جي فارسي ڪتاب ’سراج المعلى‘ تي پي. ايڇ. ڊي ڪيائين ۽ مخدوم ابوالحسن جو ٻيو ڪتاب ’بنواس تصريف فارسيه‘ به هن جي ترجمي ۽ تحقيق سان 1996ع ۾ شايع ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو